ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي في اونس قيمت 2 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 614 ڊالر ٿي وئي، جڏهن ته مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 200 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 83 هزار 762 رپيا ٿي ويو.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جو في 10 گرام اگهه 172 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 14 هزار 747 رپيا ٿي ويو.
سون جي اگهه ۾ گهٽتائي سان مقامي مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 193 رپيا وڌي 8 هزار 14 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته في 10 گرام چاندي جو اگهه به 165 رپيا وڌي 7 هزار 870 رپيا ٿي ويو.


