لنڪا پريميئر ليگ: صاحبزاده فرحان ڊمبولا سڪسرز جو آئڪن پليئر بڻجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان جي اوپننگ بيٽسمين صاحبزاده فرحان کي ڊمبولا سڪسرز لنڪا پريميئر ليگ (ايل پي ايل) 2026 لاءِ آئڪن پليئر طور سائن ڪيو آهي.

فرنچائز سوشل ميڊيا تي اعلان جي تصديق ڪندي چيو ته فرحان جي تازي شاندار فارم کي ڏسندي کيس ٽيم جو اهم ترين رانديگر بڻايو ويو آهي.

صاحبزاده فرحان تازو ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي سڀ کان وڌيڪ 383 رنسون اسڪور ڪيون.

هن ستن ميچن ۾ 76.60 جي اوسط ۽ 160 کان وڌيڪ اسٽرائڪ ريٽ سان بيٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻه سينچريون ۽ ٻه ففٽيون شامل آهن.

هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي هڪ ئي ايڊيشن ۾ ٻه سينچريون اسڪور ڪندڙ واحد بيٽسمين بڻجي ويو.

ان سان گڏ هن ڀارتي اسٽار ويرات ڪوهلي جو هڪ ئي ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.

فرحان پاڪستان لاءِ 46 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏي چڪو آهي، هن هينئر تائين 1305 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ ٻه سينچريون ۽ 10 ففٽيون شامل آهن.

پاڪستان سپر ليگ ۾ به سندس ڪارڪردگي شاندار هئي جتي هن 44 ميچن ۾ 1286 رنسون اسڪور ڪيون آهن.

ايل پي ايل 2026 جي شروعات 17 جولاءِ کان ٿيندي جڏهن ته ٽورنامينٽ 8 آگسٽ تائين سريلنڪا جي مختلف شهرن ۾ کيڏيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment