سنڌ ڪابينا لياري درياهه کي ٽي ايم سي لياري جي دائري اختيار ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لياري جي درخواست تي صوبائي ڪابينا ۾ رٿ پيش ڪئي وئي جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته لياري درياهه اڳ ۾ ٽي ايم سي مورو ميربحر جي اختيار ۾ هو، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ريجنل ڊائريڪٽر اخبارن ذريعي عوام جا اعتراض طلب ڪيا، 15 ڏينهن جي مدي ۾ عوامي اعتراض نه اٿاريا ويا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريجنل ڊائريڪٽر زيرو پوائنٽ کان بکري جي وڪري تائين فزيڪل تصديق مڪمل ڪئي، علائقي ۾ آبادي جي ڪا به موجودگي نه ملي. TMC مورو ميربحر کي فيصلي تي ڪو به اعتراض ناهي. سنڌ ڪابينا لياري درياهه کي ٽي ايم سي لياري ۾ شامل ڪرڻ جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
Source link

لياري درياهه کي ٽي ايم سي جي دائري اختيار ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري
Leave a Comment Leave a Comment

