ماڊل هما سليم پاران مشهور ڪرڪيٽر تي هراسان ڪرڻ جو سنگين الزام

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستاني ماڊل هما سليم سوشل ميڊيا تي اڻڄاتل ڪرڪيٽر تي سنگين الزام لڳائيندي جلد قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي.

مشهور ماڊل هما سليم سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾ دعويٰ ڪئي ته هوءَ ڪجهه وقت کان هراساني، ڌمڪيون ۽ ذهني دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي آهي.

وڌيڪ تفصيل ڏيندي هن لکيو ته هو گذريل ٻن مهينن کان ڄاڻايل شخص سان رابطي ۾ ناهي رهيو، جڏهن ته کيس ۽ سندس ويجهن مائٽن پاران مبينا طور حراسان ڪيو پيو وڃي.

ماڊل اها به دعويٰ ڪئي ته سندس پروفيشنل ساک کي داغدار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ هو مناسب وقت تي پنهنجي قانوني ٽيم سان معاملي تي وڌيڪ تفصيل ۽ ثبوت سامهون آڻيندي.

واضح رهي ته هما سليم پنهنجي پوسٽ ۾ لاڳاپيل ڪرڪيٽر جو نالو ظاهر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي هن وقت تائين ڪنهن به ڪرڪيٽر يا ان جي نمائندي طرفان انهن الزامن تي ڪو به باضابطه ردعمل سامهون آيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment