پاڪستاني اداڪار احد رضا مير هڪ تازي پروموشنل انٽرويو ۾ ٻيو ڀيرو پيار ڪرڻ جي تصور تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
نئين ڊرامي سيريل ”اک محبت اور“ ۾ هارون ملڪ جو ڪردار ادا ڪندڙ احد رضا مير پنهنجي ڪواسٽار مايا علي سان گڏ هڪ پروموشنل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته سندس چوڻ هو ته انسان هڪ ڀيرو ئي پيار ڪندو آهي ۽ هو بار بار پيار ڪرڻ جي تصور تي يقين نٿو رکي.
ڳالهه ٻولهه دوران مايا علي سندس راءِ سان اختلاف ڪندي چيو ته ضروري ناهي ته پهرين محبت صحيح هجي، ماڻهو غلطي به ڪري سگهي ٿو ۽ بعد ۾ سچي محبت ٻيهر ڳولي سگهي ٿي.
احد رضا مير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پهريون رشتو ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙو به ثابت ٿيندو آهي، پر هن چيو ته هو هڪ ڀيرو کان وڌيڪ پيار ڪرڻ جي خيال کي نٿو مڃي.
اداڪار جي بيان تي سوشل ميڊيا تي مداحن ۾ بحث ڇڙي ويو، جتي ڪيترن ئي صارفين سندس موقف جي حمايت ڪئي جڏهن ته ڪجهه ان سان اختلاف پڻ ڪيو.
واضح رهي ته احد رضا مير پاڪستان جي مشهور نوجوان اداڪارن مان هڪ آهي. هن جي پيشه ورانه زندگي سان گڏ، هن جي ذاتي زندگي اڪثر مداحن ۽ ميڊيا جي توجه جو مرڪز آهي.


