محسن نقوي سان بنگلاديشي هم منصب جي ملاقات، گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنگلاديش جي گهرو وزير صلاح الدين احمد سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس آفيسرن جي تربيت ۽ تبادلي جي پروگرامن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي گهرو وزيرن سائبر ڪرائمز ۽ آن لائن فراڊ کي روڪڻ لاءِ تعاون کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو.

ان موقعي تي ايران آمريڪا تڪرار ۽ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي گهرو وزير خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو.

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل امن جي قيام لاءِ ناقابل فراموش ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ نون موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment