دنيا جي مختلف ملڪن ۾ غير قانوني افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ گرفتاريون به ڪيون پيون وڃن.
غير قانوني افغان شهري پاڪستان سميت مختلف ملڪن لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي چئلينج بڻجي رهيا آهن.
افغان اخبار هشت سوب موجب پولينڊ 71 غير قانوني مهاجرن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ ڪيترائي افغاني به شامل آهن. پولش بارڊر گارڊز موجب لٿوانيا ۽ بيلاروس جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ غير قانوني رهواسين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پولش اختيارين موجب گرفتار ٿيلن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لٿوانيا جي حوالي ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف افغان انٽرنيشنل موجب ترڪ پوليس به شهربولو ۾ غير قانوني طور رهندڙ 20 افغان شهرين کي حراست ۾ ورتو آهي. افغان جرنل جي رپورٽ موجب ترڪي جي اميگريشن ايجنسي موجب هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ مجموعي طور تي 19 هزار 574 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو.
گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري موجب افغانستان ۾ جاري بحران، غربت ۽ انساني حقن تي پابنديون لکين شهرين جي پرڏيهه وڃڻ جا بنيادي سبب آهن.
افغان شهرين جي تازي گرفتاري ظاهر ڪري ٿي ته دنيا هاڻي انهن جي غير قانوني موجودگي کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.


