مشهور هالي ووڊ اداڪار پنهنجي گرل فرينڊ جي پٽ هٿان قتل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪي اداڪار جيمز هينڊي کي سندس گرل فرينڊ جي پٽ مبينا طور چاقو سان قتل ڪيو هو، جنهن واقعي هالي ووڊ انڊسٽري ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 81 ورهين جي اداڪار کي آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ سندس رهائشگاهه تي چاقو سان قتل ڪيو ويو. واقعو 3 جون تي پيش آيو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ تان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس اختيارين موجب 3 جون جي صبح هڪ ايمرجنسي ڪال موصول ٿي، جڏهن آفيسر واقعي واري هنڌ پهتا ته جيمز هينڊي کي سخت زخمي ۽ بي هوش مليو. کيس سيني ۾ ڌڪ لڳي ويو، جنهن بعد کيس اسپتال نيو ويو، پر هو نه بچيو ۽ ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. جاچ دوران جوابدار 44 سالن جي مائيڪل گليڊل پوليس کي ٻڌايو ته هن جيمس هينڊي کي قتل ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب جوابدار پنهنجي ماءُ سان گڏ رهي رهيو هو، جيڪا اداڪاره جي گرل فرينڊ ٻڌائي پئي وڃي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيمس هينڊي پنهنجي اداڪاري جي شروعات 1977ع ۾ ڪئي ۽ هو هالي ووڊ جي ڪيترن ئي مشهور فلمن ۽ ٽي وي پروجيڪٽن ۾ نظر آيو، جن ۾ ’ٽاپ گن: ماورڪ‘ ۽ ’جومانجي‘ شامل آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment