پاڪستان پهريون ڀيرو باضابطه طور تي مس ورلڊ بيوٽي مقابلن ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن ۾ مس پاڪستان انيڪا جمال اقبال پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي.
24 سالن جي انيڪا جمال اقبال اڪائونٽنگ اينڊ آڊيٽنگ ۾ ماسٽرس جي شاگردياڻي آهي ۽ ان کان اڳ مختلف بين الاقوامي حسن مقابلن ۾ پاڪستان جو جهنڊو بلند ڪري چڪي آهي.

انيڪا جمال ان کان اڳ مس ارٿ، مس گلوبل، مس ڪوسمو، مس ايڪو انٽرنيشنل ۽ مس آورا انٽرنيشنل سميت ڪيترن ئي عالمي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. جڏهن ته ڪوسوو ۾ منعقد فريڊم آف دي ورلڊ مقابلي ۾ به چار ايوارڊ کٽي توجه حاصل ڪري ورتي آهي.

انيڪا نه رڳو خوبصورتي جو مقابلو ڪندڙ آهي پر سماجي خدمتن جي شعبي ۾ به متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن مس ورلڊ جي مشهور پروگرام ”بيوٽي ود اي پرپز“ تحت پاڪستان ۾ ٿيليسيميا جي مريضن جي مدد کي پنهنجي سماجي مهم جو بنيادي موضوع بڻايو آهي.

لاهور جي مقامي هوٽل ۾ منعقد تقريب دوران انيڪا جمال اقبال کي تاج پوشي ڪيو ويو، جتي مس پاڪستان يونيورسل 2022 ڊاڪٽر شفق اختر کيس تاج پہنايو.

ان پيش رفت کي پاڪستان لاءِ عالمي حسن جي مقابلن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب طور ڏٺو پيو وڃي. مس پاڪستان ورلڊ آرگنائيزيشن جي سربراهه سونيا احمد جو چوڻ آهي ته مس ورلڊ ۾ پاڪستان جي پهرين باضابطه شرڪت نه رڳو عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي پر ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستاني عورتون عالمي پليٽ فارمن سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيون آهن.

ياد رهي ته پاڪستاني عورتون ان کان اڳ به مختلف عالمي حسن جي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪيون آهن پر مس ورلڊ ۾ اها پهرين باضابطه نمائندگي هوندي.



