ملير ۾ منظم ڏوهن ۾ ملوث ايس ايڇ او سخن سميت 5 اهلڪار معطل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ضلعي ملير جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ايس ايڇ او سخن سميت 5 اهلڪارن کي معطل ڪري بي ڪمپني ۾ موڪلي ڇڏيو.

تفصيل موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان منشيات فروشن ۽ ٻين منظم ڏوهن جي سرپرستي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ضلعي ملير جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي ايس ايڇ او سخن خالد حسين سميت 5 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.

معطل ٿيلن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل عبدالجبار منگي، ڪانسٽيبل نور محمد، ڪانسٽيبل ولايت خان نيازي ۽ سپاهي عبدالخالد شامل آهن. معطل ٿيل ايس ايڇ اوز ۽ اهلڪارن کي بي ڪمپني گارڊن هيڊ ڪوارٽر ڏکڻ ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او خالد حسين ميمڻ تي منشيات فروش ۽ ٻين منظم ڏوهن جي جوابدارن کان رشوت وٺڻ جو به الزام آهي، جنهن کان جاچ جاري آهي.

ياد رهي ته موجوده آءِ جي جاويد عالم اوڍو جيڪو ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي هو، پوليس کاتي ۾ بي ڪمپني جي سخت خلاف هو، پر هاڻي جڏهن هو آءِ جي سنڌ آهي ته هن به بي ڪمپني رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي سنڌ ضلعي جي ٽن زونن جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي سخت هدايتون ڏنيون آهن ته هو سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي خبردار ڪن ته هو پنهنجي علائقن ۾ ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي ڏوهن کي فوري طور تي روڪين.





Source link

Share This Article
Leave a Comment