منشيات فروش انمول پنڪي خلاف ثبوتن جي فرانزڪ ڪيس ۾ اڳڀرائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف ثبوتن جي فرانزڪ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.

جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي خلاف ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي دوران پوليس جوابدارن جي ڊجيٽل شاهدين جي فرانزڪ ٽيسٽ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي.

پوليس عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي جوابدار جي وائس رڪارڊنگ، وائس ميسيجز، ڪال رڪارڊنگ ۽ ٻيا ڊجيٽل ثبوت فرانزڪ تجزيي لاءِ پنجاب ليبارٽري موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جاچ دوران جوابدار کان مختلف ڊجيٽل ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن جن ۾ وائس رڪارڊنگ، وائس ميسيجز ۽ ڪال رڪارڊنگ شامل آهن.

پوليس موجب جاچ دوران جوابدار انهن رڪارڊنگز ۽ ميسيجز کي پنهنجو قرار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار جو موقف آهي ته وائس ميسيجز ۽ رڪارڊنگز ۾ موجود آواز سندس ناهي ان ڪري سمورا ڊجيٽل ثبوت فرانزڪ تجزيي لاءِ پنجاب ليبارٽري اماڻيا وڃن.

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته پنجاب جي ليبارٽري مان سمورن ڊجيٽل ثبوتن جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته جيئن ثبوتن جو سائنسي بنيادن تي جائزو وٺي سگهجي.

پوليس موجب فرانزڪ رپورٽ ۾ تصديق ٿي ويندي ته ڄاڻايل وائس رڪارڊنگ، وائس ميسيجز ۽ ڪال رڪارڊنگ ۾ موجود آواز جوابدارن جي آهي يا نه.





Source link

Share This Article
Leave a Comment