ڪراچي:
جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت منشيات ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پوليس منشيات ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي کي پيش ڪيو.
وڌيڪ پڙهو: منشيات جي نيٽ ورڪ جي مرڪزي اڳواڻ انمول عرف پنڪي جي گرفتاري جو انڪشاف ڪيو ويو آهي
جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار وٽان چرس ۽ ٻيو منشيات جا 2 پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا آهن، هٿ آيل منشيات جي ماليت 15 لک کان وڌيڪ آهي، جوابدار کي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.
عدالت جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پوليس موجب جوابدارن خلاف ٿاڻي گارڊن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


