اسلام آباد:
وفاقي حڪومت نئين مالي سال لاءِ 43 کرب رپين جي قومي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اتحادي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ 87 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي پروگرام جي فنڊنگ جو ٽي چوٿون حصو صوبا ادا ڪندا.
سالياني رٿابندي رابطا ڪميٽي نئين مالي سال لاءِ 42 کرب 64 ارب رپين جي مجموعي قومي ترقياتي بجيٽ جي سفارش ڪري ڇڏي، ان جي حتمي منظوري قومي اقتصادي ڪائونسل ڏيندي، جنهن جو اجلاس اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سالياني رٿابندي رابطا ڪميٽي وفاقي پي ايس ڊي پي 11.26 ٽريلين روپين جي سفارش ڪئي جنهن ۾ 267 ارب روپين جي پرڏيهي امداد به شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي چيو آهي ته تجويز ڪيل پي ايس ڊي پي لاءِ 200 ارب رپين جي اضافي گنجائش پيدا ڪئي وڃي، جيڪا هن وقت 11.26 ٽريلين رپيا آهي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت اتحادين جي تجويز ڪيل منصوبن تي 87 ارب رپيا خرچ ڪندي، جيڪا اتحادي حڪومت جي لاڳت جي برابر آهي ۽ ٽن اهم ڊيمن داسو، ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم لاءِ مختص ڪيل فنڊز برابر آهن.
حڪومتي بينچن جي ميمبرن جي اسڪيمن لاءِ 70 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 50 ڪروڙ رپيا هر ميمبر جي تجويز ڪيل اسڪيم لاءِ هوندا.
هن چيو ته هلندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل فنڊز وڌي 108 کرب رپين تائين پهچي ويا آهن، جنهن طريقي سان انهن منصوبن لاءِ فنڊز مختص ڪيا پيا وڃن، انهن کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڏهاڪو لڳي سگهي ٿو، جيڪڏهن نوان منصوبا شروع نه ڪيا وڃن.
مالي صلاحيت نه هجڻ باوجود وفاقي حڪومت لاهور بهاولنگر موٽر وي لاءِ رڳو 25 ڪروڙ رپيا رکيا، جنهن جي ڪل لاڳت 263 ارب رپيا آهي.
هن چيو ته مالي مشڪلاتن جي ڪري ايندڙ مالي سال جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جو فوڪس قومي اهميت جا اهڙا منصوبا هئڻ گهرجن جيڪي معاشي ترقي کي تيز ڪري سگهن.
ڪميٽي موجب ايندڙ مالي سال ۾ پنجاب ترقياتي منصوبن تي 14.5 ارب رپيا خرچ ڪندو، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ وفاقي ترقياتي بجيٽ کان هڪ ٽيون وڌيڪ آهي.
سنڌ ترقياتي منصوبن تي 816 ارب خرچ ڪندي، جيڪي هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 29 ارب گهٽ آهن. خيبرپختونخواهه ترقياتي منصوبن تي 564 ارب خرچ ڪندو، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 63 ارب وڌيڪ آهي. بلوچستان جي نئين ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 308 ارب رپيا آهي، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 53 ارب گهٽ آهي.


