نئين وفاقي بجيٽ: تعليم ۽ ايڇ اي سي لاءِ 78.5 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

نئين وفاقي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ 22 ارب رپيا ۽ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ 187.2 ارب رپيا مختص ڪرڻ جون تجويزون سامهون آيون آهن.

دستاويزن موجب صحت جي بجيٽ ۾ 1.30 ارب پرڏيهي امداد ۽ 20.70 ارب رپيا مقامي وسيلن مان ڏنا ويندا.

صحت ۽ غذائيت لاءِ 24.3 ارب رپيا، ترقياتي بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي 187.2 ارب رپين مان 2.2 سيڪڙو صحت جي شعبي لاءِ، 1.5 ارب رپيا دل جي بيمارين جي روڪٿام ۽ تحقيق لاءِ، آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي توسيع لاءِ 1 ارب رپيا، اسلام آباد شهر ۾ ميڊيڪل سٽي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ علامتي فنڊ مختص ڪيا ويندا.

ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 78.5 بلين رپيا، مستحق شاگردن لاءِ تعليمي اسڪالر شپ لاءِ 3 ارب رپيا، پرائم منسٽر يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 3.29 ارب رپيا، والاريل ڪشمير جي شاگردن لاءِ اسڪالر شپ لاءِ 150 ملين رپيا ۽ پٺتي پيل علائقن جي اسڪولن جي نيٽ ورڪ جو دائرو وڌائڻ لاءِ اربين رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

انهن ۾ آزاد ڪشمير جي ضلعن موسيٰ خيل، ژوب، قلعه سيف الله، ڊيرا بگٽي، باغ، ڀمبر، شاردا ۽ حويلي ڪوهٽا، گلگت بلتستان ۾ سلطان آباد، شگر، استور، اسڪردو، سنڌ جي ٽنڊو محمد خان ۽ چترال ضلعي ۾ دانش اسڪولن جو قيام شامل آهن.

ضم ٿيل ضلعن لاءِ 66.1 ارب رپيا، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقياتي منصوبن لاءِ 79.4 بلين رپين جي خصوصي گرانٽ جون تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment