پي ٽي آءِ ملڪ ۾ غريب کي بي گهر ۽ امير کي امير بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ ۾ غريب کي بي گهر ۽ امير کي امير بڻائڻ جو منصوبو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ شعيب شاهين ڳوٺ سيد پور جو دورو ڪيو، جتي متاثرن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو متاثرن جي نمائندگي ڪرڻ آيا آهن. علائقي جو معائنو ڪرڻ بعد افسوسناڪ صورتحال سامهون آئي آهي.

سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪي ماڻهو هتي صدين کان آباد آهن، انهن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا پيا وڃن. مقامي آبادي کي بي دخل ڪري ڪنهن ٻئي کي جاءِ الاٽ ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته جتي به غريب نظر اچن ٿا انهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ غريب کي بي دخل ڪرڻ ۽ امير کي امير بنائڻ جو منصوبو آهي.

هن چيو ته هو سنڌ ۽ چولستان ۾ به ويو آهي ۽ اتي متاثرن سان گڏ بيٺو آهي. اهڙي طرح سيدپور ڳوٺ جي رهواسين سان گڏ بيٺو آهي.

سلمان اڪرم راجا چيو ته متاثرن کي بي گهر ڪرڻ کانپوءِ نه رهائش ڏني پئي وڃي ۽ نه ئي ڪو معاوضو ڏنو پيو وڃي، ان معاملي تي قانوني جنگ وڙهي ويندي.

شعيب شاهين چيو ته سيدپور ماڊل ڳوٺ آهي، ان کي تباهه نه ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي هٽائڻو آهي ته ان کي پهريان معاوضو ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته سي ڊي اي موجب پلاٽ ۽ متبادل جڳهه ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته مسلم ڪالوني کي ڊاهيو پيو وڃي جڏهن ته ملپور ۾ ڳوٺ ڊاهي پيا.

شعيب شاهين چيو ته هڪ شهر ۾ ٻه قانون نه هئڻ گهرجن. آئين ايونيو ۾ رات جو آپريشن جو حڪم ڏنو ويو. هن چيو ته هتي جادي پشتي ماڻهو رهن ٿا ۽ جيڪڏهن مقامي آبادي کي اشرافيه کي ويهڻ لاءِ هٽايو پيو وڃي ته اهو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ مقامي عوام جو آواز بڻجندي. اسان مطالبو ٿا ڪريون ته متاثرن سان گڏ ويهجي ۽ کين ٻڌڻ گهرجي. هن چيو ته رياست کي ماءُ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جن وٽ ڇت ناهي انهن کي رهائش فراهم ڪئي وڃي. شعيب شاهين چيو ته معاملو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به اٿاريو ويندو.

ان موقعي تي متاثر شهرين جو چوڻ هو ته 5 هزار 200 ڪنال زمين اڃا تائين موجود آهي. هنن کي هميشه ماڊل ڳوٺ بڻائڻ جا واعدا ڪيا ويا پر اهي واعدا اڄ تائين پورا نه ٿيا آهن. متاثرن جو چوڻ هو ته هن وقت تائين ڪنهن به هنڌ تان هن علائقي کي ڊاهڻ جي اجازت نه ملي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment