آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جو حتمي مسودو مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به تهران پهچي ويو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته پاڪستان ايران سان جاري سفارتي ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ هو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستاني قيادت ان سفارتي عمل ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سويڊن ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اميد ظاهر ڪئي ته ايران سان هڪ قابل قبول معاهدو ٿي سگهي ٿو.
مارڪو روبيو اهو پڻ چيو ته جيتوڻيڪ ايران سان ڳالهين ۾ ڪيترائي اهم مسئلا حل نه ٿيا آهن پر ڪجهه اڳڀرائي به ٿي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهين ۾ سڀ کان اهم معاملا ايران جو ايٽمي پروگرام، يورينيم افزودگي ۽ آبنائي هرمز جي صورتحال آهن.
هن واضح ڪيو ته آمريڪا ايران کي ڪنهن به صورت ۾ ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندو.
مارڪو روبيو ايران جي آبنائے هرمز تي ممڪنه ٽول ٽيڪس يا فيس لاڳو ڪرڻ جي منصوبي کي ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ چيو ته عالمي برادري کي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي.


