وائلڊ لائيف رينجرز لاهور ۽ ڪسٽم عملدارن لاهور ايئرپورٽ تي دبئي مان غيرقانوني طور تي آيل 150 ڪبوتر هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. حراست ۾ ورتل ڪبوترن کي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. تفصيل موجب ڊپٽي چيف وائلڊ لائيف رينجرس لاهور ريجن سخي محمد جويي جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ چيف وائلڊ لائيف رينجرز لاهور محمد وسيم ڪسٽم عملدارن سان گڏجي دبئي مان غيرقانوني طور لڏي آيل 150 ڪبوتر هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي حڪم تي ڪبوتر کي فوري طور تي آزاد ڪري ٻين جهنگلي پکين ۾ بيماريون پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي جوابدارن خلاف وائلڊ لائيف ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي چالان جاري ڪيو ويو. ان کان علاوه اسسٽنٽ چيف وائلڊ لائيف رينجرس ضلعي بھکر محمد طارق پنهنجي ٽيم سان گڏ جهنگلي پکين جو غير قانوني شڪار ڪندڙ کي گرفتار ڪري 65 هزار رپيا ڏنڊ هنيو. اهڙي ئي هڪ ٻي ڪارروائي ۾ اسسٽنٽ چيف وائلڊ لائيف رينجرس ضلعي بهاولپور طارق عباس کوسا پنهنجي ٽيم سان گڏ هڪ هنڌ تي غير قانوني شڪار جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته جوابدار بندوق ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن کي قبضي ۾ وٺي مقامي ٿاڻي تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
Source link

لاهور ايئرپورٽ تي دبئي مان غير قانوني طور لڏي آيل 150 ڪبوتر هٿ، جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

