اسرائيل ۾ ايندڙ عام چونڊن کان اڳ هڪ وڏي سياسي ترقي سامهون آئي آهي، جتي اڳوڻي وزيراعظم نفتالي بينيٽ ۽ يائر لپڊ موجوده وزيراعظم نتنياهو کي هٽائڻ لاءِ اتحاد قائم ڪيو آهي.
ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته هو نئين سياسي پارٽي ٽوگيدر جي نالي سان چونڊ وڙهندا. ان اتحاد جو مقصد ٽٽل اپوزيشن کي متحد ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ آهي.
نفتالي بينيٽ جو چوڻ هو ته هي قدم ملڪي مفاد ۾ هڪ اهم ۽ وطن دوست فيصلو آهي، جڏهن ته يائر لاپڊ بينيٽ کي قابل اعتماد ۽ ايماندار سياستدان قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي وچ ۾ مڪمل اعتماد آهي.
رپورٽن مطابق هي اتحاد مخالف ڌر جا اندروني اختلاف ختم ڪرڻ ۽ چونڊ مهم کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
بينيٽ اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته 7 آڪٽوبر 2023 جي واقعن ۽ سيڪيورٽي ناڪامين جي جاچ لاءِ هڪ قومي ڪميشن جوڙي ويندي، جنهن کي موجوده حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ماضي ۾ به اتحاد ٿي چڪو آهي ۽ 2021ع ۾ نيتن ياهو جي ڊگهي حڪومت ختم ٿي هئي پر سندن اتحادي حڪومت گهڻو وقت هلي نه سگهي.
تجزيه نگارن موجب تازي سروي رپورٽن ۾ نيتن ياهو جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي.


