سڄي ملڪ ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب رات جي وقت فلڊ لائٽ هيٺ ڪرايل پي ايس ايل ميچن جو معاملو عدالت ۾ پهچي ويو آهي.
تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ايس ايل جون ميچون رات جي وقت فلڊ لائيٽ ۾ ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس چوڌري محمد اقبال شهري اشبا ڪامران جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، پي سي بي ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جو شديد بحران آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو شيڊول جاري ڪيو آهي، جنهن سبب ڪاروبار ۽ شهري متاثر ٿي رهيا آهن.
درخواستگذار چيو ته پي ايس ايل جون ميچون فلڊ لائٹس هيٺ ڪرائڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
درخواستگذار چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وفاقي حڪومت جي ماتحت خودمختيار ادارو آهي. هڪ طرف چائلڊ سيونگ چيو پيو وڃي ته ٻئي طرف رات جو فلڊ لائيٽ ميچون ٿي رهيون آهن.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پي ايس ايل ڏينهن جي روشني ۾ ڪرائڻ سان بجلي جي بچت ٿيندي، عدالت پي ايس ايل جون ميچون رات جي روشني ۾ روڪڻ جو حڪم ڏئي.
درخواستگذار وڌيڪ چيو ته عدالت فلڊ لائيٽس ۾ پي ايس ايل جا ميچ ڪرائڻ وارن خلاف به جاچ جو حڪم ڏئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته بورڊ جنريٽر ذريعي ميچون ڪرائيندو آهي، اسان واپڊا جي بجلي استعمال نٿا ڪريون.
عدالت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل کي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


