وفاقي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي تجويز

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ مالي سال 27-2026 جي وفاقي بجيٽ تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. آءِ ايم ايف جي ايس ٽي جي شرح 18 مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

نئين بجيٽ جو حجم 15.1 ٽريلين مان وڌائي 15.5 ٽريلين ڪرڻ جي تجويز آهي. هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس جو هدف وڌيڪ گهٽائي 13 هزار 5 ارب رپيا ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شارٽ فال باوجود آءِ ايم ايف ٽيڪس جو هدف 15 هزار ارب کان وڌيڪ رکڻ تي زور ڏنو آهي. نئين بجيٽ ۾ 220 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي به تجويز آهي.

ذريعن موجب بجيٽ ۾ واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي. 20 ڪروڙ رپين جي سالياني سيلز تي 25 هزار رپيا فيڪس ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.

مقرر ٽيڪس ادا ڪندڙ واپارين کي آڊٽ کان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز آهي. نئين بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس هڪ کان 2 سيڪڙو تائين گهٽائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب نئين بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس سليب ۾ تبديلي جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.

پگھاردار طبقي لاءِ آخري سليب جي حد وڌائي سگھجي ٿي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان وڌيڪ مشاورت ۽ وفاقي ڪابينا جي منظوري سان رليف فراهم ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment