وفاقي حڪومت امپورٽ ٿيل گاڏين تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. نئين پنجن سالن جي آٽو پاليسي ۾ سرڪاري اعلان متوقع آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاران نئين آٽو پاليسي جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪي آٽو ٺاهيندڙن آٽو پاليسي جو مدو 5 سالن بدران گهٽ ۾ گهٽ 10 سال ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ حڪومت طرفان استعمال ٿيل گاڏين جو مدو 5 سال وڌائڻ جي تجويز جي به مخالفت ڪئي آهي.
آٽو ٺاهيندڙن جو چوڻ آهي ته ان سان مقامي سطح تي گاڏين جي پيداوار تي اثر پوندو ۽ جيڪڏهن حڪومت پنج سال پراڻي گاڏين جي درآمد جي اجازت ڏيڻ چاهي ٿي يا گاڏين جي درآمد تي جيڪا به پاليسي اختيار ڪرڻ چاهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇا حڪومت پيداوار بدران واپار کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) آٽو سيڪٽر ۾ نوان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي لاءِ آٽو سيڪٽر کولڻ جي تجويز ڏئي رهي آهي ۽ ان تحت گاڏين تي ڊيوٽي ٽيڪس ڍانچي ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت نئين 5 سالن جي آٽو پاليسي جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي ۽ ان مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان حتمي مشاورت ڪئي پئي وڃي ۽ پاليسي تي آءِ ايم ايف کي به آن بورڊ ورتو پيو وڃي.
ان کانپوءِ پاليسي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي ۽ منظوري کانپوءِ نئين آٽو پاليسي جو باضابطا اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب نئين 5 سالن جي آٽو پاليسي ۾ امپورٽ گاڏين تي ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ 5 سالن دوران ڪسٽم ڊيوٽي 15 سيڪڙو تائين آڻڻ جي تجويز آهي، حفاظتي معيار ۽ لائسنسنگ سسٽم کي به سخت ڪرڻ جي تجويز آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آٽو پاليسي جو حتمي مسودو هلندڙ مهيني جي آخر تائين آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف کان گرين سگنل ملڻ بعد پاليسي وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪئي ويندي.


