ڪراچي:
وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن ۾ 18 مهينن جي ٻارڙي جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 95 ٿي ويو آهي.
وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي جي وبا جو هڪ ٻيو نئون ڪيس سامهون آيو آهي، جتي 18 مهينن جي ٻارڙي ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي.
نئين ڪيس ۾ ايڇ آءِ وي متاثرن جو انگ 95 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 9 ٻارڙا حياتيون وڃائي چڪا آهن.
متاثر ٻار جي پيءُ عبدالصمد موجب سندس 18 مهينن جو پٽ ڊسمبر 2025ع ۾ والاڪا اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جنهن کانپوءِ ٻار مسلسل بيمار رهيو. هن چيو ته مسلسل خراب صحت سبب ٻار جو ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ وائرس جي تصديق ٿي.
متاثر ٻار جي پيءُ جو چوڻ آهي ته کيس 5 ٻار آهن ۽ هو باقي ٻارن جي ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائيندو ته جيئن سندن صحت بابت به اطمينان هجي.


