سربيا جي ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ ومبلڊن ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ فتوحات جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
نوواک جوڪووچ ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائر رومن سيفولين کي سخت مقابلي کانپوءِ 6-7، 3-6، 6-3 ۽ 3-6 تان شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪري ورتو.
https://x.com/rolandgarros/status/2073801964157050981?s=20
ان فتح سان 39 ورهين جي جوڪووچ پنهنجي 106هين ومبلڊن فتح حاصل ڪري اڳوڻي ٽينس اسٽار راجر فيڊرر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو جنهن ومبلڊن ۾ 105 فتحون حاصل ڪيون آهن.
https://x.com/Wimbledon/status/2073081832195678483?s=20
عورتن جي مقابلي ۾ رڳو مارٽينا نيوراٽيلووا 120 فتوحات سان اڳتي آهي.
https://x.com/Wimbledon/status/2073801092677189866?s=20
جوڪووچ هاڻي رڪارڊ اٺين ومبلڊن ٽائيٽل ۽ مجموعي طور تي 25 هين گرانڊ سلم کٽڻ جي مشن تي آهي، ممڪن آهي ته عالمي نمبر هڪ جينڪ سنر سان ممڪن سيمي فائنل جي مقابلي ۾.


