وينزويلا ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو، هزارين ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو خدشو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


ڪاراڪاس: وينزويلا ۾ گذريل هفتي ٻن طاقتور زلزلن سبب مارجي ويلن جو انگ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، جڏهن ته هزارين زخمي ۽ بي گهر ٿي ويا آهن.

اختيارين موجب آفٽر شاڪس جي شدت ۽ تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي، جنهن کانپوءِ امدادي ۽ بحالي جون سرگرميون تيز ڪيون پيون وڃن.

قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز ٽي وي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته زلزلي سبب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 15 هزار ماڻهن کي گهرن مان بي دخل ڪري عارضي پناهه گاهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

هن گم ٿيل ماڻهن جو سرڪاري انگ جاري نه ڪيو آهي پر اپوزيشن پاران گڏ ڪيل انگن اکرن موجب 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. انهن انگن اکرن جي آزاديء سان تصديق نه ٿي سگهي.

ياد رهي ته 24 جون تي وينزويلا ۾ 7.2 ۽ 7.5 جي شدت جا ٻه زلزلا هڪ منٽ کان به گهٽ وقفي سان آيا هئا، جنهن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پيون، وڏيون شاهراهون متاثر ٿيون ۽ ملڪ جي اهم بين الاقوامي هوائي اڏي سميت انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو.

اختيارين موجب 50 کان وڌيڪ ملڪن جون سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمون وينزويلا پهچي چڪيون آهن ۽ مقامي ادارن سان گڏجي ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا ۽ بچاءُ جي ڪمن ۾ حصو وٺي رهيون آهن. مختلف ملڪن ۽ بين الاقوامي امدادي تنظيمن پاران سوين ٽن انساني امداد پڻ متاثر علائقن تائين پهچائي پئي وڃي.

حڪومت متاثرين لاءِ 69 عارضي پناهگاهون قائم ڪيون آهن، جن ۾ 14 لا گويرا ۾ ۽ ٻيا ڪيمپ ڪاراڪاس، ميرانڊا ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ شامل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته عارضي ڪئمپن ۾ رهندڙ ماڻهن کي جلد مستقل رهائش ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

زلزلي کانپوءِ راڄڌاني ڪاراڪاس ۽ ٻين شهرن ۾ خوف جي فضا برقرار آهي، جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان آفٽر شاڪس جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪيترائي شهري اڃا تائين ايمرجنسي بيگز تيار ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به ممڪن آفٽر شاڪس جي توقع ۾ احتياط سان زندگي گذاري رهيا آهن.

اختيارين موجب، لا گويرا ۾ بجلي تقريبن مڪمل طور تي بحال ڪئي وئي آهي، پر ٽيليڪميونيڪيشن سروسز اڃا تائين جزوي طور تي متاثر آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته بحالي جو عمل جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment