وچ اوڀر ۾ هڪ ٻي جنگ جو خوف عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو سمجهيو وڃي ٿو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۽ نئين جنگ جي خدشن کي عالمي معيشت لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ مالي سال 27-2026ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو جڏهن ته حڪومت 4 سيڪڙو جو هدف مقرر ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ گذريل مالي سال جي 3.7 سيڪڙو واڌ جي شرح جي مقابلي ۾ معاشي ترقي ۾ معمولي گهٽتائي جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مهانگائي ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ 2026ع دوران عالمي مهانگائي 4.7 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته خام تيل جي سراسري قيمت 89 ڊالر في بيرل تي رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبنائے هرمز کي بند ڪيو ويو ته عالمي توانائي جي فراهمي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اثر سڄي دنيا جي معيشتن تي پوندا. رپورٽ ۾ 2026ع ۾ عالمي معيشت جي ترقي جي شرح 3 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مصنوعي ذهانت کي عالمي معيشت لاءِ مثبت سهڪار قرار ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف موجب وچ اوڀر جي صورتحال سبب خطي ۽ دنيا جي معاشي سرگرمين تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، جڏهن ته عراق، ڪويت ۽ قطر کي به 2026ع دوران معاشي ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment