پشاور:
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي درخواست تي عدالت لاڳاپيل اختيارين کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت داخل درخواست تي مختصر حڪم جاري ڪندي سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي (سامپرا) کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت طرفان جاري ڪيل حڪم موجب درخواستگذار طرفان سمپرا کي ڌر بڻائڻ لاءِ ضمني درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي سوشل ميڊيا جا معاملا ان اداري جي دائري ۾ اچن ٿا.
درخواست گذار جي وڪيل جي موقف کي مدنظر رکندي، ضمني درخواست جي اجازت ڏني وڃي ۽ سمپرا کي باضابطه طور تي ڌر بڻايو وڃي، حڪم ۾ چيو ويو آهي.
عدالت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي کي 2 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر بابر شهزاد عمران عدالت آڏو موقف اختيار ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ تي فحش وڊيوز اپ لوڊ ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي. هن استدعا ڪئي ته عدالت ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي يا لاڳاپيل اختيارين کي حڪم جاري ڪري ته پليٽ فارم تي موجود مواد کي موثر طريقي سان ڪنٽرول ڪيو وڃي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


