پاڪستان جونيئر پيڊل رينڪنگ ڪپ 2026 پهرين مئي کان پيڊلورس ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي.
چيمپيئن شپ ۾ بوائز انڊر 14 ۽ بوائز انڊر 16 ايونٽس ۾ سڄي ملڪ جا رانديگر حصو وٺندا.
چيمپيئن شپ ۾ شامل رانديگرن کي نيشنل پيڊل لائسنس پڻ جاري ڪيا ويندا.
چيمپيئن شپ ۾ سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي، چونڊيل رانديگر انڊونيشيا ۾ کيڏيا ويندڙ FIP ايشيا جونيئر ڪپ 2026 ۾ حصو وٺڻ جا اهل هوندا.


