ڪراچي:
اسپيشل اولمپڪس پاڪستان هاڪي ٽيم FIH پيرا هاڪي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت ڪندي.
اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي چيئرپرسن رونق لاکاڻي موجب 20 کان 25 آگسٽ تائين بيلجيم ۽ هالينڊ ۾ ٿيندڙ پيرا هاڪي ورلڊ ڪپ لاءِ خاص رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ پي ايس بي اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ جاري آهي. 12 مئي تي ٽرائل کانپوءِ 10 رڪني مخلوط ٽيم جي چونڊ ڪئي ويندي.
ٽيم ۾ 6 ڇوڪرن ۽ 4 ڇوڪرين جا رانديگر شامل هوندا، ٽريننگ ڪيمپ ۾ ڪوچز جي نگراني ۾ اسپيشل رانديگرن کي سخت تربيت ڏني پئي وڃي.
رونڪ لاکاڻي پيرا هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي شرڪت کي اعزاز قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اسپيشل اولمپڪ پاڪستاني ٽيم پيرا هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي ميڊل کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندي.


