جنگِ حق جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان خلاف ڪنهن به جارحيت يا دشمن جي ارادن جو اڳي کان وڌيڪ طاقت، درستي ۽ عزم سان جواب ڏنو ويندو.
حق جي جنگ جو پهريون سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فوج پنهنجي هڪ اهم پيغام ۾ چيو آهي ته جنگِ حق جي پهرين سالگرهه تي پاڪ فوج خاص طور تي پاڪ فضائيه کي قومي دفاع جي فيصلي ۽ تاريخي ڪاميابي تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حق جي جنگ قومي اعتماد ۾ نئون واڌارو ڪيو، ادارتي عزم کي مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان ايئر فورس جي جديد جنگي تيارين کي دنيا آڏو ثابت ڪيو.
پي اي ايف جديد ٽيڪنالاجي، سمارٽ سسٽم ۽ خاص ۽ تباهي واري صلاحيتن جي ذريعي مستقبل جي هوائي فوج طور اڀري رهي آهي، ملٽي ڊومين آپريشنز ۾ مهارت پي اي ايف کي جديد فضائي جنگ جي تقاضائن جي مطابق هڪ موثر ۽ فيصلي ڪندڙ قوت بڻائي ڇڏيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب حق جي جنگ دوران ڪيل آپريشن منفرد، غير معمولي ۽ فضائي جنگ جي تاريخ ۾ اعليٰ پروفيشنلزم جو مظهر هئا.
پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، جڏهن ته ان جي هٿياربند فوج ذميوار ۽ مضبوط اسٽريٽجڪ سوچ رکي ٿي، پاڪستاني هٿياربند فوج جي هر تياري، هر ڪوشش ۽ هر صلاحيت جو محور خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جو فروغ آهي. پاڪستان لاءِ امن هميشه عزت، وقار ۽ خودمختياري برابري جي اصولن سان جڙيل رهيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج خطي جي بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۽ دشمن جي جارحاڻي فوجي تيارين کان پوري طرح آگاهه آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلاف ڪنهن به جارحيت يا دشمن جي ارادن جو اڳ کان وڌيڪ طاقت، درستي ۽ عزم سان جواب ڏنو ويندو.
هٿياربند فوج طرفان گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ رات پوري قوم پاڪستان ايئر فورس جي هر سپاهي، آفيسر ۽ اهلڪارن کي سندن پيشيوراڻي صلاحيتن، قربانين، انتھک محنت ۽ غير معمولي آپريشنل فوڪس تي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، جن پاڪستان جي فضائي حدن جي تاريخي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي فضائي حدن جي دفاع ۾ پاڪ فضائيه جي جرئت، تياري ۽ بروقت ڪارروائي قوم جي فوجي تاريخ جو روشن باب بڻجي چڪي آهي. پاڪ فضائيه پنهنجي عزم، مهارت ۽ قرباني جي جذبي سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي قومي سلامتي کي ناقابل شڪست بڻائي ڇڏيو آهي.
پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ فضائيه هميشه ”ٻئي کان ٻي نه“ رهندي ۽ ان عظيم قوم لاءِ فخر، طاقت ۽ اعتماد جي علامت بڻجندي رهندي، پاڪستان زنده آباد.


