عورتن جي عالمي نمبر ون ٽينس اسٽار آرينا سبالينڪا گرانڊ سلم ٽورنامنٽ کي خبردار ڪيو آهي ته رانديگرن جا مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ بائيڪاٽ وڌي سگهي ٿو.
تفصيل موجب آرينا سبالينڪا سميت 20 نامور رانديگرن تازو ئي بيان جاري ڪندي فرنچ اوپن جي انعامي رقم تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
هن جو چوڻ آهي ته ٽورنامنٽ جي آمدني ۾ رانديگرن جو حصو گهٽ آهي جڏهن ته اصل ڪشش ساڳي رهي ٿي.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته هن سال رولينڊ گارس تي انعامي رقم مجموعي آمدني جو 15 سيڪڙو کان به گهٽ هوندي جنهن کي وڌائي 22 سيڪڙو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
ان کان علاوه رانديگرن جي ڀلائي واري پروگرام ۾ سيڙپڪاري ۽ بهتر نمائندگي پڻ سندن اهم مطالبن ۾ شامل آهن.
سبيلنڪا موجب ٽينس جي اصل خوبي رانديگرن ۾ آهي ۽ اهي ئي رانديگرن کي تفريح فراهم ڪن ٿا، ان ڪري کين وڌيڪ معاوضو ملڻ گهرجي.
آمريڪي اسٽار ڪوڪو گوف به ان موقف جي حمايت ڪندي چيو ته تبديلي صرف اجتماعي عمل سان ئي ممڪن آهي ۽ اها نه رڳو موجوده پر مستقبل جي رانديگرن لاءِ به اهم آهي.
جڏهن ته، عالمي نمبر ٽي آئيگا سواتڪ بائيڪاٽ کي ٿورو سخت قدم قرار ڏنو آهي ۽ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو آهي.


