پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو حجم 22 ارب ڊالرن کان به وڌي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



گذريل هفتي دوران پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 61.1 ملين ڊالرن جي واڌ کانپوءِ مجموعي مقدار 220 ملين ڊالر کان وڌي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب ملڪي ناڻي جي مجموعي ذخيرن جو ماليت 22 ارب 4 ڪروڙ 46 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته 24 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 22 ارب ڊالرن کان وڌي ويا ۽ گذريل هفتي دوران حڪومتي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 611 ملين ڊالرن جو اضافو ٿيو. پرڏيهي مٽاسٽا جي سرڪاري ذخيرن جو قدر 16 ارب 52 ڪروڙ 72 لک ڊالرن جي سطح تي پهچي ويو آهي ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 51 ڪروڙ 47 لک ڊالرن جا ذخيرا موجود آهن. پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته اهو اضافو ملڪي ادارن مان سرڪاري فنڊن جي آمد سبب ٿيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment