پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 10.40 ڪروڙ رپيا واڌ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته سرڪاري ۽ ڪمرشل بئنڪن سميت ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 10 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب پرڏيهي مٽاسٽا جي سرڪاري ذخيرن ۾ 1 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ 17 اپريل تائين اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 15 ارب 97 ڪروڙ 60 لک ڊالر وڌي ويا آهن، انگن اکرن موجب ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا به 8 ارب 60 ڪروڙ ڊالر وڌي 5 ارب 53 ڪروڙ ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي دوران ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 10.40 ڪروڙ ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment