پشين جي علائقي خانزوئي ويجهو قومي شاهراهه تي هلندڙ موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 2 ڄڻن جون ٽنگون ڪٽي ويون، جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايڇ او خانزئي نصيب الله موجب زخمي ٿيل ماڻهو ڪرومائٽ ۾ استعمال ٿيل بارودي مواد موٽرسائيڪل تي کڻي وڃي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو. پوليس موجب زخمين ۾ ظهور ولد عبدالفيض، فيصل ولد طالب ۽ محمد افضل ولد طالب شامل آهن. زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

پشين؛ موٽرسائيڪل ۾ بارودي مواد جي ڌماڪي سبب 3 ڄڻا زخمي، ٻن ڄڻن جون ٽنگون ڪٽي ويون.
Leave a Comment Leave a Comment

