پيرو ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ مسافر بس اوندهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
حادثو ملڪ جي اترين جبل واري علائقي ڪيجامارڪا جي سين جوآن ضلعي ۾ ٿيو، جتي رستا تنگ ۽ مشڪل سمجهيا وڃن ٿا.
مقامي اختيارين موجب بس ۾ 19 ڄڻا سوار هئا. حادثي کانپوءِ فوري طور تي امدادي ٽيمون، پوليس ۽ مقامي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ لاشن ۽ زخمين کي کڏ مان ڪڍيو ويو.
زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڪجهه ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
شروعاتي جاچ موجب حادثي جو اصل سبب فوري طور تي سامهون ناهي آيو، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو سبب تيز رفتاري، مشڪل هيل روڊ يا فني خرابي ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان باضابطه جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پيرو ۾ خطرناڪ جبلن جي رستن تي هن نوعيت جا حادثا اڪثر ٿين ٿا. ماهرن موجب تيز رفتاري، روڊن جي خراب حالت ۽ ڪڏهن ڪڏهن گاڏين جي مناسب سار سنڀال نه هجڻ به اهڙن حادثن جو اهم سبب آهن.


