ڪراچي:
عوامي پاڪستان پارٽي جي مرڪزي ڪنوينر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن تي حڪومتي پاليسي سراسر غلط آهي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ گلشن اقبال جي اردو بازار گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوامي پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪراچي جي مسئلن تي ڳالهائڻ ضروري آهي ڇو ته ڪراچي ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو.
هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 17 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته صوبي کي آبادي جي حساب سان وسيلا به ملن ٿا پر ان باوجود مسئلا ساڳيا آهن.
شاهد خاقان عباسي ياد ڏياريو ته 20 سال اڳ گلشن اقبال ۾ ايليوٽيڊ ٽرين جي رٿابندي به ڪئي وئي هئي پر اڄ تائين ان تي ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. هن حقيقت بيان ڪندي چيو ته بي آر ٽي روڊ اڃا تائين اسرار نه بڻيو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي روڊ جي ترقياتي ڪم جو ٺيڪيدار به تبديل ڪيو ويو آهي، حڪومت هڪ روڊ به نه ٺاهي سگهي ته پوءِ ڇا ڪندي.
هن چيو ته شهر ۾ ماڻهن کي ٽينڪر ذريعي پاڻي ملي رهيو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي ٻهراڙين جي حالت به خراب آهي. سڄي صوبي جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي. انهن غلطين کي ختم ڪرڻ لاء حل آهن. حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته هر شهري کي گهر ۾ پاڻي ڪڏهن فراهم ٿيندو. شهرن ۾ هائيڊرينٽ ۽ ٽينڪر مافيا آهن. سنڌ ۾ اسڪول تباهه ٿي ويا آهن.
اڳوڻي وزيراعظم صنعتي علائقن جي مسئلن کي به سنگين قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي جا مسئلا سڄي پاڪستان کي متاثر ڪن ٿا.
شاهد خاقان عباسي سوال اٿاريو ته سنڌ جي وسيلن جو پئسو ڪٿي وڃي رهيو آهي؟ جنهن جا محل لنڊن ۽ دبئي ۾ آهن اهو صوبو ڪيئن ترقي ڪندو؟ هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي.
هن حڪومت جي پيٽرول جي قيمتن تي پاليسي کي سراسر غلط قرار ڏيندي چيو ته موجوده حڪومت بي اختيار آهي، ان جي پاليسين جو سڌو سنئون عوام تي اثر پئجي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت کي پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻ گهرجن. حڪومت عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڇو نٿي ڏئي؟
پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته 15 لک شهري ملڪ ڇڏي پرڏيهي ملڪن ڏانهن ويا آهن. حڪومت کي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ واضح حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اسلام آباد کي 12 ڏينهن بند رکڻو پيو، جنهن سبب اسڪول، هوٽلون ۽ ڪاروبار بند رهيو. ملڪ جي سيڪيورٽي نظام کي ڪمزور ڇو سمجهيو پيو وڃي؟
هن چيو ته مفتاح اسماعيل ناڻي واري وزير جي حيثيت ۾ سنڌ حڪومت کي گرين لائين، ڪي فور ۽ ٻين منصوبن لاءِ فنڊ فراهم ڪيا. قومي مالياتي ڪميشن کانپوءِ صوبن وٽ تمام گهڻو پئسو آهي، اهو چوڻ غلط آهي ته مرڪز فنڊ نه ٿو ڏئي.


