اسلام آباد:
گذريل 9 مهينن دوران انڪشاف ٿيو آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ صارفين کان 12 کرب رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪئي آهي.
دستاويز موجب پيٽروليم شين تي ليوي جي مد ۾ صارفين کان 12 کرب 5 ارب 18 ڪروڙ رپيا ورتا ويا آهن. ان کان علاوه موسمياتي سهڪار جي مد ۾ صارفين کان 35 ارب رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ تفصيل موجب جولاءِ 2025ع ۾ صارفين کان 1 کرب 45 ارب رپيا ۽ آگسٽ 2025ع ۾ پيٽروليم ليوي جي نالي تي هڪ کرب 15 ارب رپيا ورتا ويا. اهڙي طرح سيپٽمبر ۾ صارفين کان 1 کرب 11 ارب رپيا ۽ آڪٽوبر ۾ هڪ کرب 45 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويو آهي.
نومبر 2025 ۾ صارفين کان 1 کرب 51 ارب رپيا ۽ ڊسمبر ۾ 1 کرب 57 ارب رپيا پيٽروليم ليوي جي مد ۾ ورتا ويا. اهڙي طرح جنوري 2026ع ۾ پيٽرول ليوي جي مد ۾ صارفين کان 1 کرب 24 ارب رپيا پيٽرول ليوي وصول ڪيا ويا. فيبروري ۾ 1 کرب 20 ارب رپيا ۽ مارچ ۾ 1 کرب 37 ارب رپيا پيٽروليم ليوي وصول ڪيا ويا آهن.


