چين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي تسلسل ۽ آبنائے هرمز کي فوري طور تي کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جو واحد حل سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته چين موجب آبنائي هرمز مسئلي جو پائيدار حل آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مستقل ۽ جامع جنگ بندي جي قيام ۾ آهي. چيني نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وانگ يي چيو ته چيني صدر شي جن پنگ پنهنجي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته طاقت جي استعمال سان مسئلا حل نٿا ٿي سگهن ۽ ڳالهين ئي اڳتي وڌڻ جو صحيح رستو آهي. هن چيو ته ڳالهين جو عمل فوري طور تي ڪامياب نه ٿو ٿئي پر هڪ ڀيرو ڳالهين جو دروازو کوليو وڃي ته ان کي ٻيهر بند نه ڪيو وڃي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته بيجنگ خطي ۾ امن ڳالهين جي فروغ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ جنگ جي فوري خاتمي سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
Source link

چين ايران ۽ آمريڪا کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

