آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب چيني صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن الڳ الڳ ملاقاتن ۾ يقين ڏياريو آهي ته ٻئي ملڪ ايران کي هٿيار وڪرو نه ڪندا.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ چئي.
آمريڪي صدر چيو ته ايران جي حوالي سان ٻه وڏيون طاقتون چين ۽ روس جو ذڪر اڪثر ڪري ٿو. منهنجو خيال آهي ته اهي هن معاملي ۾ ملوث نه آهن.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چين ۽ روس هن جنگ ۾ ايران سان گڏ هئا ته اهو سندن لاءِ تمام خراب هوندو ۽ يقيناً سندن مفاد ۾ ناهي.
آمريڪي صدر چيو ته تازو ملاقاتن دوران هن چيني صدر سان ايران کي هٿيارن جي فراهمي جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن تي شي جن پنگ واضح يقين ڏياريو ته چين ايران کي هٿيار وڪرو نه ڪندو.
صدر ٽرمپ اهو به چيو ته چين سان اسان جي لاڳاپن کي ڏسندي مان سمجهان ٿو ته صدر شي جن پنگ جيڪو چئي رهيو آهي.
آمريڪي صدر موجب سندس روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن به کيس اهڙي قسم جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته روس پاڻ يوڪرين جنگ ۾ مصروف آهي.
صدر ٽرمپ يوڪرين جنگ جو حوالو ڏيندي چيو ته صدر پيوٽن ڄاڻي ٿو ته آمريڪا يوڪرين کي سڌو سنئون هٿيار نه وڪرو ڪندو آهي پر نيٽو جي ميمبر ملڪن کي هٿيار فراهم ڪندو آهي جيڪي پوري قيمت ادا ڪندا آهن.
صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته کيس ڪا به خبر ناهي ته نيٽو ملڪن کي وڪرو ٿيل هٿيار بعد ۾ ڪيئن ورهايا ويندا آهن.
آمريڪي صدر جي ان بيان تي چين، روس يا ايران طرفان فوري طور تي ڪو به سرڪاري ردعمل نه آيو آهي.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري جنگ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن سبب آبنائي هرمز بند آهي ۽ پيٽرول جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، جڏهن ته ثالثي ڪندڙ ملڪ جنگبندي لاءِ سرگرم آهن.


