پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان عالمي توانائي ڪمپنين جي نمائندن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ انهن پاڪستان جي توانائي ۽ معدنيات جي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
پيٽروليم واري وزير آمريڪي ڪمپني مورگن هيوز انرجي جي صدر گريگوري بلوم ۽ ٽيجارا ڪيپيٽل جي سي اي او احمد وليد سان ملاقات ڪئي.
بيان موجب ٻئي ڪمپنيون بلوچستان ۾ معدنيات جي منصوبن تي گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي گريگوري بلوم پيداوار وڌائڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود تيل ۽ گئس جي ذخيرن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته علي پرويز ملڪ توانائي جي مقامي پيداوار وڌائڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومتي سهڪار جو يقين ڏياريو.
وفاقي وزير ويٽول ايشيا جي سي اي او ڪرين گليگر سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ گوادر ۾ ڪمپني جي بنڪرنگ آپريشن جي ڪامياب شروعات تي کيس مبارڪباد ڏني.
اجلاس ۾ هاءِ سلفر فيول آئل کي تمام گھٽ سلفر فيول آئل ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي، نئين بانڊڊ اسٽوريج پاليسي تحت سيڙپڪاري جا موقعا ۽ عالمي توانائي ڪمپنين سان تعاون وڌائڻ تي به غور ڪيو ويو.


