اسلام آباد:
نئين مالي سال جي شروعات ٿيندي ئي حڪومت پيٽروليم شين تي ليويز جي شرحن ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي 2.5 رپيا في ليٽر موسمياتي سهڪار واري ليوي جي شرح 2.5 رپيا في ليٽر وڌائي 5 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏي آهي.
ان کان علاوه حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي به اڍائي رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. اختيارين موجب پيٽروليم ليوي ۾ اها گهٽتائي موسمياتي سهڪار جي ليوي ۾ واڌ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن مختلف ليويز جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.


