ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اڄ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي في اونس قيمت ۾ 46 ڊالر جي واڌ کانپوءِ نئين عالمي قيمت 4 هزار 114 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.
عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي مٽا سٽا مارڪيٽن ۾ به ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن 24 قيراط سون جي في تولو قيمت 4 هزار 600 رپيا وڌي وئي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه 3 هزار 944 رپيا اضافي سان 3 لک 71 هزار 944 رپيا ٿي ويو آهي.
سون جي اگهن ۾ واڌ سان ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 7 رپيا وڌي 6 هزار 403 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه به 6 رپيا وڌي 5 هزار 489 رپيا ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به سون جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.



