ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار ارسلان بٽ اداڪارا ماميا شاهه جعفر پاران هراسان ڪرڻ جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته اهڙا الزام ڪنهن جو ڪيريئر تباهه ڪري سگهن ٿا.
ارسلان بٽ تازو ئي فريحا فرخ جي پوڊ ڪاسٽ تي ڳالهائيندي چيو ته هو معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهيو آهي ۽ ان کي قانوني طريقي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
”يقيناً اهڙا الزام ڪنهن جي ڪيريئر کي متاثر ڪري سگهن ٿا،“ اداڪار چوي ٿو. مون نه رڳو پاڪستان ۾ پر عالمي سطح تي به وڏن نالن سان ڪم ڪيو آهي پر اڄ تائين ڪنهن به منهنجي ڪردار تي آڱر نه کنئي آهي. منهنجا دوست ۽ ساٿي هميشه منهنجي اخلاقيات ۽ رويي جي تعريف ڪندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته هن شخص کي خاموش ڪرڻ لاءِ مون وٽ هزارين طريقا آهن، پر مان صرف قانوني رستو اختيار ڪري رهيو آهيان. مان هن معاملي کي صبر ۽ قانون ذريعي حل ڪندس.”
واضح رهي ته ڪجهه مهينا اڳ اداڪارا ماميا شاهه جعفر ارسلان بٽ تي هراسان ڪرڻ ۽ نامناسب رويي جو الزام لڳايو هو، جنهن بعد هن پنهنجا الزام واپس وٺي ڇڏيا هئا.


