ڀارتي ڳائڻي ۽ اداڪار دلجيت دوسانجھ پهريون ڀيرو ان معاملي تي کليل نموني ڳالهايو آهي جڏهن سندس فلم ’ستلج‘ کي اوچتو ڀارت ۾ اسٽريمنگ پليٽ فارم Z5 تان هٽايو ويو هو. اداڪار جو چوڻ آهي ته فلم هڪ دفعو ناظرين تائين پهچي ٿي ته ان کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ممڪن ناهي. انسٽاگرام تي لائيو سيشن دوران مداح جي هڪ سوال جو جواب ڏيندي دلجيت دوسانجھ چيو ته هو هاڻي فلم جي مستقبل بابت پريشان ناهي. سندس چوڻ هو ته شروعاتي ڏينهن ۾ پريشاني ضرور هئي پر هاڻي صورتحال مختلف آهي ڇو ته ماڻهن جو وڏو انگ فلم کي ڏسي ۽ ڊائون لوڊ ڪري چڪو آهي. دلجيت جو چوڻ هو ته هاڻي ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته فلم ٻيهر ڪڏهن رليز ٿيندي، ڇو ته رليز ٿيڻ کانپوءِ فلم کي مڪمل طور ختم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مواد جڏهن عوام تائين پهچندو آهي ته اهو هميشه ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هوندو آهي. اداڪار جو بيان سامهون اچڻ سان ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، ڪيترن ئي صارفين ان کي ڊجيٽل دور ۾ سينسر شپ تي هڪ اهم تبصرو قرار ڏنو. ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي دور ۾ ڪنهن به مواد کي مڪمل طور تي عوام جي پهچ کان ٻاهر رکڻ تمام ڏکيو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته هدايتڪار هني ٽريحان جي فلم ”ستلج“ انساني حقن جي ڪارڪن جسونت سنگهه خالده جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن پنجاب ۾ ويڙهاڪ دور دوران مبينا ماورائي عدالت قتل ۽ ڳجهن دفنائن کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. فلم کي شروعات ۾ ’پنجاب 95‘ جي نالي سان تيار ڪيو ويو هو، پر ان جي رليز تي ڀارتي سينسر بورڊ جي ڪيترن ئي اعتراضن ۽ 120 کان وڌيڪ تجويز ڪيل ڪٽن سبب ان جي رليز ٽن سالن کان روڪي وئي. فلم کي بعد ۾ ‘ستلج’ جو نالو ڏنو ويو ۽ 3 جولاء تي Zee5 تي پريميئر ڪيو ويو، پر صرف ٻه ڏينهن بعد، 5 جولاء تي هندستان ۾ پليٽ فارم تان هٽايو ويو. زي فائيو پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته موجوده صورتحال سبب فلم کي ڀارت ۾ في الحال پيش نه ڪيو پيو وڃي، پر قانوني ۽ انتظامي گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٻيهر ناظرين آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڪمپني فلم کي هٽائڻ جو واضح سبب نه ڏنو، ۽ نه ئي اهو واضح ڪيو ته ڇا اهو ٻين ملڪن ۾ دستياب جاري رهندو. دلجيت دوسانجھ جي تازي بيان کانپوءِ فلم هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا سينسرشپ، اظهار جي آزادي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارم تي مواد جي دستيابي تي به هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.
Source link

فلم کي رليز ٿيڻ کانپوءِ ختم نٿو ڪري سگهجي، فلم هٽائڻ تي دلجيت دوسانجه جو ردعمل
Leave a Comment Leave a Comment

