هوم ٽائيگر انڊيا کي انگلينڊ هٿان شرمناڪ شڪست، 76 رنسن تي ڍير ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



انگلينڊ ڀارت کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 125 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ناٽنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم 202 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ 12هين اوور ۾ 76 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت طرفان وبھو سوريا ونشي 13 ۽ ايشان ڪشن 13 رنسون ٺاهيون. اڪشر پٽيل 10، اڀيشڪ شرما 10، هرشيت رانا 9، ڪپتان شرياس ايير 5، ورون چڪرورتي 5، ارسيديپ سنگهه 4، تلڪ ورما 3 ۽ شيوم دوبي 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پرنس ياديو 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو. انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 4، جوفرا آرچر 3 ۽ عادل رشيد 2، ول جيڪس هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارت جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون. ميزبان ٽيم طرفان فل سالٽ 70 رنسون ٺاهيون. سام ڪران 41 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ٻين بيٽسمينن ۾ جوس بٽلر 36، ڪپتان هيري بروک 16، ول جيڪس 14، جيڪب بيٿل 13، جوفرا آرچر 5 ۽ ٽام بينٽن ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت طرفان پرنس ياديو ۽ هرشيت رانا 2-2 وڪيٽون ورتيون. اڪشر پٽيل 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment