ڊي جي آءِ بي جي مدي ۾ 4 سالن جي واڌ، نوٽيفڪيشن جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد: وفاقي حڪومت انٽيليجنس بيورو جي ڊائريڪٽر جنرل فواد اسد الله خان جي گريڊ 22 جي مدي ۾ 4 سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ڊائريڪٽر جنرل انٽيليجنس بيورو جي مدي ۾ وڌيڪ 4 سالن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف فواد اسد الله خان جي ڪانٽريڪٽ ۾ وڌيڪ 4 سال واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب فواد اسد الله خان جي ڊي جي آءِ بي جي حيثيت ۾ 14 جولاءِ 2026 کان ايندڙ 4 سالن لاءِ واڌ ڪئي وئي آهي.

فواد اسد الله خان آءِ بي جو تجربيڪار آفيسر آهي جڏهن ته وزيراعظم سندس ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي ساراهيو آهي.

فواد اسد الله خان 21 اپريل 2022 کان ڊي جي انٽيليجنس بيورو طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، هو پهريون آءِ بي آفيسر آهي جنهن کي ڊي جي آءِ بي 22 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

فواد اسد الله خان کي طاغه شجاعت، ستاره شجاعت ۽ هلال امتياز سان نوازيو ويو آهي جڏهن ته کيس ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ انٽيليجنس تجربو آهي.

فواد اسد الله جي سربراهي ۾ انٽيليجنس بيورو قومي سلامتي جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment