ڪراچي:
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ حڪومتي وڪيل جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪمشنر ڪراچي کي کير جا اگهه مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي. وڪيل چيو ته صفائي سٿرائي جي حوالي سان دڪانن کي سيل ڪيو پيو وڃي، جيستائين سرڪاري جواب جمع نه ٿو اچي، دڪاندارن خلاف ڪارروائي ۽ دڪان سيل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن ڪڏهن دڪان تان کير خريد ڪري استعمال ڪيو آهي؟ عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بهنس جو کير استعمال ڪيو وڃي ته فرق معلوم ٿيندو، ڪراچي ۾ موجود کير ۾ به ساڳي نموني ملاوٽ آهي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن حڪومت صحيح ريٽ مقرر نه ڪيو ته دڪاندار ملائڻ تي مجبور ٿي ويندا. ملاوٽ تڏهن معلوم ٿيندي آهي جڏهن کير جوشبو آهي.
عدالت وڌيڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته کير اڳيان آڻيو، ان جي بوءِ ٻڌائينداسين ته ان ۾ ملاوٽ آهي يا نه. بعد ۾ عدالت درخواست جي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


