ڪانز فلم فيسٽيول ۾ صنم سعيد جو شاندار ڊيبيو مشرقي مزاج سان، ڏسو تصويرون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


صنم سعيد فلمي دنيا جي مشهور ڪانز فيسٽيول ۾ شاندار ڊيبيو ڪيو آهي.

تفصيل موجب صنم سعيد، جيڪا فرانس ۾ جاري ڪانز فلم فيسٽيول جي سائوٿ ايشين وومين ايڪسيلنس سئنيما اينڊ آرٽس آنرري گروپ جو حصو آهي، پنهنجي ڊيبيو ڪيو.

اداڪارا صنم سعيد جڏهن ريڊ ڪارپيٽ تي آئي ته اتي موجود ماڻهن تاڙيون وڄائي سندس انداز کي ساراهيو.

صنم سعيد خوشيءَ سان سندس طرف هٿ وڌايو ۽ سندس استقبال تي شڪريو ادا ڪيو.

ڪانز ڊيبيو جي موقعي تي صنم سعيد مغربي نه پر مشرقي انداز جي لباس ۾ عوام ۾ نظر آئي، جنهن سبب کيس ساراهيو ويو.

سنڈے ٽائمز جي رپورٽ موجب صنم سعيد حسين راهر جو ڊزائين ڪيل لباس پهريو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment