مقبوضہ بیت المقدس جي اولهه واري علائقي بيت شمس ۾ زوردار ڌماڪي ۽ باهه جا اطلاع مليا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب ڌماڪو اسرائيلي دفاعي صنعت سان لاڳاپيل هڪ حساس تنصيب جي ويجهو ٿيو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کان پوءِ دونھون ڪيترن ميلن تائين بلند ٿيندي ڏٺو ويو.
شروعاتي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعو هڪ صنعتي يا دفاعي سهولت جي ويجهو پيش آيو، پر اسرائيلي عملدارن فوري طور تي ڌماڪي جي نوعيت يا ممڪن نقصان جي مڪمل تفصيل جاري نه ڪئي. ڪجهه ميڊيا رپورٽن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ ۽ امدادي ٽيمن فوري طور تي موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ شروع ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڌماڪو حادثو هو يا ڪنهن ٻئي سبب سبب ٿيو.
اسرائيلي سيڪيورٽي ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته مقامي آبادي کي متاثر علائقي کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


