ڪراچي:
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پنڪي ڪيس جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڏکڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي ٽن ڏينهن اندر واقعي جي تفصيلي انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پوليس اختيارين موجب ڪيس جي غيرجانبدار ۽ شفاف جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس پي انويسٽيگيشن ضلعي سٽي جي نگراني ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي.
ٽيم ۾ ڊي ايس پي امتياز حسين، ڊي ايس پي آصف منور، انسپيڪٽر غوث عالم، وحيد قريشي ۽ اصلاح خان شامل آهن.
جاچ ٽيم سمورن ڪيسن جي قانوني ضرورتن موجب جاچ مڪمل ڪري 15 ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي.
ان کان علاوه ڪيس جي شفاف جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊي آءِ جي ڏکڻ جي نگراني ۾ هڪ خاص اعليٰ سطحي ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي ڏکڻ، ايس ايس پي سٽي ۽ ايس ايس پي ايس آءِ يو شامل هوندا.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي واضح ڪيو آهي ته قانون، ضابطن ۽ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته غفلت يا غير ذميواراڻي رويي ۾ ملوث آفيسرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.


