ڪراچي جي سول اسپتال جي مرده خاني جو اسسٽنٽ شڪيل مسيح پراسرار طور گم ٿي ويو. واقعي جو ڪيس پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ فريادي موجب شڪيل مسيح رات دير سان ڊيوٽي ڪرڻ بعد سول اسپتال ٽراما سينٽر مان هليو ويو، اسپتال ۽ ٿاڻي جا سمورا دورا ڪيا پر ڪجهه به نه مليو. پيءُ پرويز مسيح موجب منهنجو پٽ 17 کان 18 سالن کان سول اسپتال ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، هو ڪالهه رات موٽرسائيڪل تي اسپتال روانو ٿيو پر گهر نه پهتو. مدعي جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، منهنجي پٽ کي ڪنهن نامعلوم سببن تي اغوا ڪيو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

ڪراچي؛ سول اسپتال جي مرده خاني جو اسسٽنٽ پراسرار طور گم ٿي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

